محمد ايوب ساند

محمد ايوب ساند : سماج سڌارڪ ۽ نامور استاد محمد ايوب ساند 1926ع ڌاري ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ مان ورتائين. سنڌي 7 درجا (فائنل) پاس ڪرڻ کانپوءِ 14 آگسٽ 1947ع تي ماستر مقرر ٿيو. ان وقت ماستر کي منشي چوندا هئا. هن 33 سالن تائين موجوده سانگهڙ ۽ پراڻي حيدرآباد ضلعن جي مختلف هنڌن، ڳوٺ صالح خاصخيلي، مشائخ هوٿي ۽ ٽنڊي آدم جي اسڪولن ۾ ماستر، پوءِ هيڊماستر طور ذميواريون سنڀاليون. هو نهايت ئي محنتي، قابل استاد ۽ بهترين منتظم هو. سندس ڪيترائي شاگرد اڄ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن. ماستر محمد ايوب هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ صاف گو انسان هو. هن 1981ع ڌاري نوڪريءَ تان رٽائرمنٽ ورتي. رٽائر ٿيڻ وقت کيس 65 هزار روپيا پينشن ملي، جيڪا پڻ غريب ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيائين، نوڪريءَ تان رٽائر ڪرڻ کانپوءِ هن پاڻ کي ڪُل وقتي سماجي ڪارڪن بڻائي ڇڏيو. هن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪيترن ماڻهن جي ضروري مسئلن لاءِ سرڪار جي عملي سان لکپڙهه ڪيائين. هن ٽنڊي آدم ميونسپل جي ان وقت جي چيئرمئن عبدالستار غوريءَ جي ڪوششن سان جنرل ضياءُ الحق کي روبرو درخواست ڏئي ٽنڊي آدم، ميرپورخاص وارو روڊ منظورڪرايو، جيڪو ٽن ضلعن ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٽنڊي الهيار کي پاڻ ۾ ملائي ٿو. اهڙيءَ طرح سندس ڪيترائي سماجي ڪم آهن، جن جي ڪري اڄ به مقامي ماڻهو کيس ياد ڪندا رهن ٿا. آخر ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد پهرين ڊسمبر 1986ع تي وفات ڪيائين.


لفظ محمد ايوب ساندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.12.01  عيسوي

سماج سڌارڪ ۽ نامور استاد محمد ايوب ساند 1926ع ڌاري ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو. پهرين ڊسمبر 1986ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿيوو فقير لاشاري
صديقي محمد صالح
عبدالستار ڏيرو
راس مسعود حسين
سيف الله خان مگسي
محمد خان جروار
شهرالله قريشي بڪيرائي
ڄام پراگمل- I
جنجهي غلام محمد
شيخ فاضل شاهه قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون